پير پٿورو

پير پٿورو: پير پٿورو، عمرڪوٽ ضلعي جو مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي ولادت 1210 هه مطابق 1795ع ۾ ٿي. هن بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿـو تـه اصـل ۾ ميـگهـواڙ قبـيـلـي سـان واسطـو رکـنـدو هـو. بعـد ۾ ابـراهيـم ناگوراڻي، جرڪس ڏناڻي ۽ ڇُٽي بخـاريءَ جهـڙن بزرگـن سان گڏجي ملتان ويو ۽ غوث بهاوالحق جو مُريد ٿي مسلمان ٿيو. روايتن موجب سندس نالو ”شيخ نعمت الله“ رکيو ويو، پر ”پير پٿوري“ جي نالي سان معروف ٿيو. هڪ روايت موجب ملتان مان واپسيءَ تي ماءُ ۽ پيءُ کي به مسلمان ڪيو هئائين. پير پٿوري جي اسلامي نالي جي تصديق عمرڪوٽ جو عالم مولانا مير محمد عنصري به ڪندو هو، جيڪو چوندو هو ته هن ’نگيرانِ سنڌ‘ (قلمي نسخو) ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته پير پٿوري جو اسلامي نالو ”شيخ نعمت الله“ هو. پير پٿوري عبادتن ۽ رياضتن سان وڏي منزل حاصل ڪئي ۽ غوثيه سلسلي جي بزرگن ۾ سندس وڏو مقام آهي. پير پٿوري جي وفات 1298هه مطابق 1881ع ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته پير پٿوري جي وفات بعد سندس قبر تي ڏيوَري ٺهرائي وئي هئي، پر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ اُن جي تعمير غير اسلامي قرار ڏئي اُن کي ڊهرائي قبر مٿان قبو ٺهرايو. اڳتي هلي پير پٿوري جي عقيدتمند مريدن ان مقبري کي عاليشان صورت ڏني ۽ درگاهه تي مسافرخانا به ٺهرايا. پير پٿوري جي مزار تي هر سال ٻه ميلا لڳندا آهن، هڪڙو چيٽي چنڊ تي ۽ ٻيو ڪتيءَ جي چنڊ تي. پير پٿوري جي ميلي ۾ هندو ۽ مسلمان عقيدتمند وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا آهن. ميلي جي نگراني بڪيرن جا پير ڪندا آهن ۽ ميلي جي آمدنيءَ جو ڪجهه حصو بڪيرن جي درگاهه کي ملندو آهي. پير پٿوري جي ماءُ ۽ پيءَ جون مزارون پڻ مقبري ويجهو ڏکڻ ۾ موجود آهن، جن جي قبرن جي چوڌاري ڪاٺ جا پينگها ٺهيل آهن.


لفظ پير پٿوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1795.00.00  عيسوي

پير پٿورو جي ولادت 1210 هه مطابق 1795ع ۾ عمرڪوٽ ۾ ٿي


1881.00.00  عيسوي

پير پٿوري جي وفات 1298هه مطابق 1881ع ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خدابخش فقير
ٽوپڻ شيخ
پال سيزان
دلدار عباسي
بهاول خان عباسي3
استاد حيدري
دائود سيوستاني
سليمان خان ٽالپر
آريسر عبدالغفور
حمود الرحمان جسٽس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون